حڪيم محمد صادق راڻيپوري

حڪيم محمد صادق راڻيپوري

حڪيم محمد صادق راڻيپوري

حڪيم محمد صادق راڻيپوري: مولوي حڪيم محمد صادق ولد الله بخش راڻيپوري پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم ۽ عالم ٿي گذريو آهي. هن ڳوٺ جليل کنڀڙا ۾ جنم ورتو. 1883ع ڌاري کيس چاچڙان شريف جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. هن جو والد پنجاب جي مشهور شاعر ۽ بزرگ خواجه غلام فريد جو خليفو هو. 1313هه/ 1895ع ڌاري خواجه غلام فريد جي وفات کان پوءِ سندس خاندان راڻيپور لڏي آيو ۽ پير ابو محمد صالح شاهه جيلانيءَ کين راڻيپور ۾ وڏي عزت سان رهايو. مولوي محمد صادق کي پير ابو محمد صالح راڻيپور ۾ ميان الهه بخش عباسيءَ کان فارسيءَ جي تعليم ڏياري. ان کانپوءِ مولانا عبدالغفور همايونيءَ وٽ کيس پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. عربيءَ جي تعليم لاءِ مولوي عبدالرئوف ۽ الحاج محمد صاحب لغاريءَ سانگھڙ واري کي مقرر ڪيائين، جن وٽان سندس دستاربندي ٿي، ان کانپوءِ هن درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيو.
ان وقت خيرپور جي والي هز هائينس مير علي نواز خان ’ناز‘ هن لاءِ شاهي خزاني مان ماهوار وظيفو ۽ پينشن مقرر ڪئي. ان کان سواءِ کيس پروانو به ڏنو ويو. ان دوران هن مير علي نواز خان جي هدايتن تي ’دعوة الاعتصام بدين الاسلام‘ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو، جنهن ۾ خاص طور اسلام ۾ پيدا ٿيل فرقن تي نقطه چيني ڪئي ويندي هئي. هن رسالي ذريعي سمورن فقهن کي گڏجڻ جي تلقين ڪئي ويندي هئي.
هن ’دين الله تحريڪ‘ جي نسبت سان God’s Religion نالي انگريزيءَ ۾ رسالو به ڪڍيو. 1923ع ڌاري قاديانين خلاف محاذ قائم ڪيو ۽ ڪيترين هنڌن تي سندن خلاف جلسا ڪرايائين. هيءُ اعليٰ پايي جو حڪيم به هو. سندس خدمتن عيوض نواب صاحب جھوناڳڙهه 1945ع ۾ کيس ماهوار پينشن ڏيڻ لاءِ پروانو ڪڍيو. کيس مختلف هنڌن تان حڪمت جي حوالي سان ڪيترا آفرين ناما مليل هئا. هن شاعري به ڪئي. علم عروض جي قاعدن جي ڄاڻ رکندو هو. سندس اڪثر شاعري ’فارسي ناما‘ ۾ ملي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو